شاهنواز ڀٽي

شاهنواز ڀٽي

شاهنواز ڀٽي

شاهنواز ڀٽي: ناليوارو ڊرامانگار شاهنواز ولد حاجي سچي ڏنو ڀٽي، 8 مئي 1971ع تي جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد)، ضلعي ميرپورخاص ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول قاضي رحيم ڏني ڀٽيءَ مان، مئٽرڪ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول جيمس آباد مان، انٽر گورنمينٽ مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد مان، بي ايس سي، سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان، ايم اي (سنڌي) گورنمينٽ ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ مان ڪئي. هينئر سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان سنڌي ڊرامي تي ايم فل ڪري رهيو آهي.
سندس ڪيترائي سنڌي، اردو ڊراما ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، پي ٽي وي، ڪي ٽي اين ۽ اردو چئنل هم ٽي وي تان نشر ٿي چڪا آهن. سندس لکيل مشهور ڊرامن ۾ ‘سنگرام’ (سيريل) ڪي ٽي اين، بلائينڊ گرل اينڊ ٿيف (پي ٽي وي)، تهه خانو (پي ٽي وي)، جنين ڏاند نه ٻج (ڪي ٽي اين)، حڪمت (سنڌ ٽي وي)، احساس (اردو) هم ٽي وي تان نشر ٿي چڪا آهن. شاهنواز ڀٽيءَ جا ڪيترائي ڊراما اسٽيج پڻ ٿي چڪا آهن، جن ۾ ‘عمر ماروي’، سنڌالاجي فيسٽيول ۽ ٿر فيسٽيول- 2017ع ۾، ۽ ‘مومل راڻو’ عمرڪوٽ فيسٽيول-2017ع ۾ ثقافت کاتي طرفان اسٽيج ٿيا. کيس خدمتن طور ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا، جن ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري طرفان بهترين ڊرامانگار اوارڊ (1994ع)، سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊي ڄام طرفان بهترين ليکڪ ۽ اداڪار اوارڊ (1994ع)، ڀٽائي آرٽ ڪائونسل حيدرآباد طرفان بهترين ڊرامانگار اوارڊ (2014ع)، ثقافت کاتي طرفان ‘عمر ماروي’ ڊرامي تي ‘بهترين ليکڪ اوارڊ’ (2017ع) ۽ اسٽيج ڊرامي ‘عمر ماروئي’ تي ثقافت کاتي طرفان ‘بهترين ڊرامانگار اوارڊ’ (2017ع) قابل ذڪر آهن. هي هن وقت ڪوٽ غلام محمد ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ شاهنواز ڀٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.05.08  عيسوي

ناليوارو ڊرامانگار شاهنواز ولد حاجي سچي ڏنو ڀٽي، 8 مئي 1971ع تي جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد)، ضلعي ميرپورخاص ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خدا بخش خان ٽالپر ضياء
اسماعيل چانڊيو
ايڇ ٽي لئمبرڪ
سيد نور شاهه
چانڊيو نواب شبير احمد خان
اي بي صدا لاشاري
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
زاهد علي عباسي
حڪيم قاضي عبدالعزيز عزن مورائي
جوکيو محبوب علي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون